سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار

سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار

سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار

سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار (ڪتاب): هي ڪتاب ’سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار‘ بابت آهي، جيڪو 6 نومبر 2005ع تي هندستان جي سنڌي وستيءَ ’الهاس نگر‘ ۾ ۾ رچيو ويو، هي مختصر ڪتابچو ان سيمينار جي ڪارروائي ۽ پيش ٿيندڙ تحقيقي مقالن تي ڇپايو ويو آهي. ڊيمي سائيز جو هي ڪتابچو؛ انهيءَ سيمينار جي رچڻ واري، هم لوگ سرڪل، الهاس نگر-4 طرفان عقيدتمندن ۽ مهمانن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڇپايو ويو. هي ڪتابچو 85 صفحن تي ٻڌل آهي. انهيءَ سرڪل طرفان ’سچل سائين‘ ۽ ’امر شهيد ڀڳت ڪنور رام صاحب‘ تي سيمينار پڻ ڪيا ويا آهن. هم لوگ سرڪل سٿ ۾ 2001ع کان سنڌي ساهتيه جي موضوع ۾ ننڍا وڏا پروگرام منعقد ٿيندا رهندا آهن. انهيءَ جو مقصد صرف هندستان ۾ سنڌي علم ادب ۽ ٻوليءَ کي فروغ ڏيڻ آهي. اهي نئين انداز سان سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن ۽ سنڌي ادب جي سموري موضوعن تي تحقيق، تصنيف ۽ تخليق پڻ ڪري رهيا آهن. هن سٿ جو صدر هوتو هرسينگهاڻي، سيڪريٽري آوت دودواڻي، جنرل سيڪريٽري اِندر لعل سوماڻي، ايسوسيئيٽ چيئرمئن سريش ڪِشناڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سندر واسواڻي، خزانچي موهن پونداڻي آهن. هن سٿ جو مک ۽ سرپرست اعليٰ ڀائي صاحب ساجن داس ’اداسي‘ آهي.
سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار جي صدارت راج شرما'>پدم راج شرما (آءِ. پي. ايس. رٽائرڊ) ڪئي. مهمان خصوصي ڀائي صاحب ساجن داس اُداسي ۽ شري هريش ڪشناڻي هئا. ان کانسواءِ مکيه ۽ معزز مهمانن ۾ پرڀو وفا ۽ ڊاڪٽر ارجن سڪايل هئا. پروفيسر مينا روپچنداڻي هن سيمينار جي ڪارروائي هلائي. پروفيسر گوپ روپچنداڻي، پروفيسر آشا رنگواڻي، گيانچند شهدادپوري ’پدم‘ سڃاڻپ پيش ڪئي ۽ شيام ٺارواڻي ’شيام‘، ڊاڪٽر وندنا رمواڻي، ڊاڪٽر ايسر پارواڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، شري واسديو ’نرمل‘، شري هري موٽواڻي، سنت ڪوي سامي صاحب سيمينار ۾ مقالا پيش ڪيا. هن ڪتابچي ۾ صرف ٽي مقالا: شيام ٺارواڻي ’شيام‘، ڊاڪٽر رتنا رامواڻي ۽ ڊاڪٽر ايسر پارواڻي جا ڇپيل آهن.


لفظ سنت ڪوي سامي صاحب سيمينارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو